حيدرآباد: عمر قيد جي سزا ڪالعدم، جوابدار آزاد

0
179

حيدرآباد(ن پ ا) سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ اهلڪار جي قتل ڪيس ۾ عمر قيد جي سزا ٻڌايل جوابدارجي اپيل تي وڪيل جا دليل ٻڌڻ بعد سزا وارو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي کيس بري ڪري ڇڏيو، 2014ع ۾ جوابدار عرض محمد کي سيشن جج مٽياري جي عدالت ڏوهه ثابت ٿيڻ تي عمر قيد جي سزا ٻڌائي هئي، 2010ع دوران جوابدار خلاف شاهپور پوليس مقتول اهلڪار گلاب منگواڻو جي قتل جو ڪيس داخل ڪيو هو، ڪيس ۾ فريادي غلام شبير ڄاڻايو ته سندس والد گلاب منگواڻو کي جوابدارن عرض محمد پنهنجي ٽن ساٿين سومار منگواڻو, منظور علي ۽ جيئندو سان ملي اهلڪار کي قتل ڪيو، سيشن جج مٽياري ڏوهه ثابت نه ٿيڻ تي ٻن جوابدارن کي بري ڪري ۽ جوابدار عرض محمد کي عمر قيد ۽ سومار منگواڻو کي 20 مهينا قيد جي سزا ٻڌائي هئي.