جيڪب آباد (رپورٽر) جيڪب آباد ويجهو ٻه نينگريون تلاءُ ۾ وھنجندي ٻڏي فوت، خبر موجب مولاداد ٿاڻي جي حد ڳوٺ غلام رسول بروهي ۾ ٻه نينگريون 8 ورھين جي نورين بروهي ۽ 7 ورهين جي ڪلثوم بروهي پاڻي جي تلاءُ ۾ وھنجندي ٻڏي ويون، اطلاع تي ڳوٺاڻن ۽ وارثن پھچي ٻنهي نينگرين کي تلاءَ مان ڪڍي سول اسپتال آندو، جتي موجود ڊاڪٽر ٻنهي نينگرين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، جنهن بعد اسپتال ۾ موجود وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو، اسپتال مان ضروري ڪارروائي بعد ٻنهي نينگرين جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنھي نينگرين جا مڙهه گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو ۽ ماحول سوڳوار بڻجي ويو.