ڳڙھي ياسين (رپورٽ: وحيد ڀٽو) ڳڙھي ياسين ويجهو ديناري برادري جي ٻن ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار تان فائرنگ، ھڪ ڄڻو قتل، ٻه زخمي، ڌريون مورچابند، علائقي ۾ خوف حراس. خبر موجب ڳوٺ محمد نواز ديناري ۾ شاھن خان ۽ ميرڻ ديناري ڌرين ۾ 9 مھينا اڳ ڪارنھن معامري تان شروع ٿيل تڪرار تيز ٿي ويو آهي، ڪالهه ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن ۾ ٻنهي ڌرين هڪٻئي خلاف هٿيارن جا منهن کولي ڇڏيا، فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو بشير ديناري مارجي ويو، جڏهن ته 2 ڄڻا حمل ديناري ۽ عاشق علي زخمي ٿي پيو، پوليس مقتول جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو. ان ڏس ۾ مقتول جي وارثن رياض ديناري ۽ موران خاتون جي اڳواڻي ۾ لاش کيرٿر ڪئنال پل تي رکي ڌرڻو ھنيو، جنھن سبب روڊ بند ٿي ويو ۽ ٻنھي پاسن کان سوين گاڏيون بيھجي ويون. ٽن ڪلاڪن بعد ايس ايچ او ڳڙھي ياسين پھچي اڌ ڪلاڪ تائين مظاھرين سان ڳالھيون ڪري جوابدارن جي گرفتاري جي خاطري ڪرائي جنهن بعد روڊ کوليو ويو. احتجاج ڪندڙن چيو ته اسان جو ڪنھن سان به تڪرار ناهي، ظالمن زمين تي ڪم ڪندڙ نوجوان کي بيگناهه قتل ڪيو، ھنن چيو ته شاھن خان، بقا محمد، اسرار ۽ ٻين نوجوان کي قتل ڪيو. هوڏانهن مقتول جو مڙھ ھٿيارن جي ڇانوَ ۾ سوين آلين اکين سان اباڻي قبرستان پير ڌڻي پرتو ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگھيو هو ۽ نه ئي ڪا گرفتاري عمل ۾ اچي سگهي هئي.