پشاور (رپورٽر) خيبرپختونخوا حڪومت ڪابينا ۾ وڌيڪ 4 وزيرن کي شامل ڪري ڇڏيو. ڪابينا ۾ شامل ٿيندڙن ۾ ايم پي اي عاطف خان، فضل شڪور، فيصل امين گنڊاپور ۽ شڪيل خان شامل آهن. گورنر هائوس ڪي پي ۾ حلف برداري جي تقريب ٿي جنهن ۾ گورنر شاهه فرمان چئن وزيرن کان حلف ورتو. چئني ميمبرن کي وزيراعظم عمران خان جي منظوري کان پوءِ ڪابينا ۾ شامل ڪيو ويو آهي. 4 وزيرن جي حلف برداري تقريب ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير محمود خان، صوبائي وزيرن، صوبائي اسيملي ميمبرن، چيف سيڪريٽري ڊاڪٽر ڪاظم نياز سميت مختلف کاتن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. جڏهن ته ڪابينا ۾ 4 ميمبرن جي شموليت بعد ڪابينا ميمبرن جو انگ 17 ٿي ويو آهي.