اسلام آباد: وفاقي ڪابينا سڄي دنيا ۾ پاڪستان جي سڃاڻپ سنڌڙي ۽ چورسو انبن سوڌو اٺن شين جي رجسٽريشن لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي، وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ پاڪستان ۾ پيدا ٿيندڙ شين جن ۾ انب، باسمتي چانور ۽ ٻيون شيون شامل آهن، ان بابت ملڪي سڃاڻپ کي برقرار رکڻ لاءِ انهن جي رجسٽريشن لاءِ رجسٽريشن اٿارٽي قائم ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي جيڪا سنڌڙي، چورسي انب، هنزه، يعقوت، ڪشمير ٽرمري، پکراج ۽ ٻين شين جي رجسٽريشن ڪندي.