ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪن، ٻئي ادارا پنهنجو ڪم نه پيا ڪن:سپريم ڪورٽ

0
298
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي
وفاقي سرڪار عدالتي سڌارن واري بل خلاف ٻڌڻي لاءِ فل ڪورٽ جوڙڻ جي درخواست داخل ڪرائي ڇڏي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ لوڪل گورنمينٽ ڪراچي کي ڪي اليڪٽرڪ ۽ ڪي ايم سي ۾ تڪرار جَي حل لاءِ ڪميٽيز ٺاهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سپريم ڪورٽ موجب ڪي ايم سي ۽ ڪي اليڪٽرڪ پنهنجا معاملا ٺيڪ ڪن، ٻئي ادارا پنهنجو ڪم نه پيا ڪن،عدالت ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ ادارن جا تڪرار ٻڌڻ لاءِ نه، پر قانوني مسئلا حل ڪرڻ لاءِ آهي، جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڪيس ۾ ڪوبه قانوني نقطو نه آهي، رڳو عدالتي وقت ضايع ڪيو پيو وڃي، ڪي ايم سي کي اها به خبر ناهي ته ڪيتريون رهتون ادا ڪرڻيون آهن، بدقسمتي سان ملڪ ۾ ميونسپل ڪارپوريشنز جي حالت خراب آهي.

 ٻئي پاسي ڪي اليڪٽرڪ، ڪراچي واسين کان ميونسپل ڪارپوريشن لاءِ ٽئڪس اوڳاڙڻ تيار، سنڌ سرڪار کي وفاقي حڪومت جَي قدمن جو انتظار آھي، ڪراچي ميٽرو پوليٽن ڪمشنر جو سنڌ حڪومت جَي توانائي وزرات کي خط، ڪمشنر لکيو ته ڪي اليڪٽرڪ ڪي ايم سي لاءِ ٽئڪس اوڳاڙڻ لاءِ تيار آهي، نيپرا کان اجازت لاءِ سنڌ حڪومت وفاق کي درخواست ڪري، ڪي ايم سي 2008ع کان ميونسپل يوٽيليٽي ٽئڪس اوڳاڙي رهي آهي، لوڪل گورنمينٽ ايڪٽ تحت ڪي ايم سي ڪنهن به ٿرڊ پارٽي ذريعي ٽئڪس گڏ ڪري سگهي ٿي.