احمد پور (ن پ ا) احمد پور لڳ مبينا طور ناري اغوا، ڌرين ۾ ڇڪتاڻ، ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي وئي. تفصيل موجب احمد پور ويجهو ڳوٺ وڏا کنڀڙا مان نوجوان ناري سائره ڌيءَ عزيز الله کنڀڙو مبينا طور اغوا ٿي وئي آهي، جڏهن ته ناريءَ جي ڀاءُ ابرار علي کنڀڙو جي فرياد تي شان علي، ارشاد علي، محمد خان، ذيشان علي کنڀڙو سميت چئن ڄڻن خلاف ناري کي اغوا جي اين سي احمد پور ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي آهي. پوليس ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪري سگهي آهي، اهڙي صورتحال بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال پيدا ٿي وئي آهي. رابطو ڪرڻ تي احمدپور پوليس ٻڌايو ته ناري جي اغوا ٿيڻ جو اطلاع مليو آهي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي. ٻئي پاسي علائقي ۾ چوٻول آھن ته ناري سائره کنڀڙو ۽ شان کنڀڙو پسند جي شادي لاءِ گھران نڪري ويا آھن.