ڌاٻيجي (ن پ ا) ڌاٻيجي لڳ رينجر چيڪ پوسٽ لڳ عبدالله ڳوٺ ۾ زمين جي مالڪي تان ڪلمتي ۽ ملاح برادري جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ عبدالمالڪ صوفي جي زمين تي ويٺل ھارين جي 3 جهوپڙين کي جوابدارن باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو، جنهن جي نتيجي ۾ گل محمد ملاح، سليم ملاح حميرا ملاح زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي زخمين کي گهارو رورل هيلٿ سينٽر منتقل ڪيو ويو، جتان ڳورهاري حميرا کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڪراچي ريفر ڪيو ويو، ان حوالي سان زخمي ڌر ٻڌايو ته اسان عبدالمالڪ صوفي جي زمين تي ويٺل آهيون، ڪلمتي برادري جا ماڻهو اسان کي زمين خالي ڪرڻ لاءِ ڌمڪيون ڏيندا هئا، اڄ جوابدارن گهرن تي حملو ڪري اسان کي زخمي ڪيو آهي. ٻي طرف ڌاٻيجي ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته ڌرين ۾ زمين جي مالڪي تان جھيڙو ٿيو آهي، ڪنهن به ڌر ڪيس داخل نه ڪرايو آهي، جاچ ڪيون پيا.