ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ بجلي بلن ۾ فيول ايڊجسٽمينٽ چارجز، مختلف ٽيڪسن جي صورت ۾ ڳرين چارجز جي وصولي خلاف داخل پٽيشن  ۾ ڌرين کي 9 نومبر تي تياري ڪري پيش ٿيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالت ۾ جماعت اسلامي درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته ڪي اليڪٽرڪ کي اوور بلنگ، فيول ايڊجسٽمينٽ،سيلز ٽيڪس، انڪم ٽيڪس، ٽي وي لائسنس في ۽ ٻين چارجز جي وصولي کان روڪي ڪمپني جي اڪائونٽس جو فرانزڪ آڊٽ ڪرايو وڃي، عدالت ٻاھران ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلمي جي اڳواڻ حافظ نعيم الرحمان چيو ته جنھن تاريخ کان ڪيس داخل ٿيو آھي ان ڏينھن کان ناجائز ٽيڪس واپس ڪيو ويندو، اسان جي جدوجھد اسان عوام کي رليف مليو آھي، جڏھن ته ھن مھيني بجلي جي في يونٽ تي چار رپيا گھٽ چارجز لڳائي وئي آھي،