اسلام ڪوٽ (ن پ ا) ماستر ڏيو“اسلام ڪوٽ ۾ شاگردن جو احتجاج” خبرموجب اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ گلو تڙ جي مڊل اسڪول ۾ انگريزي جو اُستاد نه هجڻ خلاف شاگردن احتجاجي مظاهرو ڪري 2 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، جنهن ڪري ٽريفڪ معطل ٿي وئي، ان موقعي تي صدام ڳاهو، محمد حسن، عبدالحڪيم، جمال الدين، اڪرم، عثمان، اصغر ڳاهو، حيات ڳاهو ۽ ٻين چيو ته پنجن سالن کان اسڪول ۾ انگريزي جو اُستاد ناهي، مسلسل دانهون ڪري ٿڪجي پيا آهيون پر اُستاد مقرر نه ٿو ڪيو وڃي، هنن چيو ته اڄ کان احتجاجن طور اسڪول وڃڻ بند ڪريون ٿا، هنن چيو ته سمورن اسڪولن ۾ اُستاد مقرر ڪيا پيا وڃن پر اسان جي ڳوٺ جي اسڪول کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.