دادو ( رپورٽر ) دادو جي دٻي شاخ ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف نصير احمد لنڊ ، سکيو ماچي ، ڊاڪٽر امير برماڻي جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ آبادگارن ۽ کاتيدارن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري شهر جي مک ڪچهري روڊ تي ڌرڻو هڻي ٻن ڪلاڪن تائين ٽريفڪ بند ڪري ڇڏي، مظاهرين پاڻي کوٽ خلاف سخت نعري بازي ڪندا رهيا، مظاهرين داهيو آهي ته ٻن مهينن کان دٻي شاخ جو پاڻي بند ڪيو ويو آهي جنهن جي ڪري سندن ووئڻن، مرچن جو فصل سڪي سڙي رهيو آهي، مٿان ڪڻڪ جي پوکي هلي رهي پر اسان وٽ پاڻي نه هئڻ ڪري ڪڻڪ جي پوکي متاثر ٿي رهي آهي ، آبادگارن داهيو آهي ته ٽلٽي ۽ مناهيون ۾ ٻوڏ هئڻ ڪري دادو ڪئنال کان پاڻي بند ڪرڻ سبب دٻي شاخ جو پاڻي ٻن مهينن کان بند ڪيو ويو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته بنا دير جي دٻي شاخ ۾ پاڻي ڏئي سندن فصل بچايا وڃن ، ٻي صورت ۾ هو انڊس هاء وي تي ڌرڻو هڻندا.