ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي وسندي گلستان جوهر ۾ تازو ڪي اليڪٽرڪ مان برطرف ٿيل 47 ورهين جي فهيم پٽ عنايت الله شيخ گھر اندر پاڻ کي گولي هڻي ڇڏي، جنهن جي نتيجي ۾ هن موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو. اطلاع تي پوليس پهچي لاش ضابطي جي ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. وارثن موجب فهيم شيخ ڪي اليڪٽرڪ جو ملازم هو، جنهن کي تازو نوڪري مان ڪڍيو ويو هو،  فهيم شيخ بيروزگاري سبب سخت پريشان هو