چمبڙ (ن پ ا) چمبڙ جو نوجوان عورتاڻي آواز ته ھرکجي اغوا ٿي ويو. وارثن کان 30 لک رپيا ڀنگ طلب ڪئي وئي آهي، جنهن جي آڊيو ٽائيم نيوز ھٿ ڪري ورتي ان ڏس م چمبڙ ويجھي ڳوٺ نصير خان منڌواڻي واسي  25 ورھين جو نوجوان دلبر لغاري پٽ خير محمد لغاري مبينا طور عورتاڻي آواز ته ھرکجي اغوا ٿي ويو آھي چمبڙ ان حوالي سان مغوي جو وارثن جو چوڻ آهي ته دلبر لغاري جي موبائل فون جي لڪيشن ڪنڌڪوٽ ۾ اچي رھي آھي مغوي جو ڀاءُ عبدالستار لغاري جو چوڻ ھو ته ڌاڙيل فون ذريعي 30 لک روپيا بنگ طلب ڪري رھيا آھن پيسا نه ڏيڻ جي ضرورت م ڀاء کي تشدد جو نشانو بڻايو ٿا ھڪ مھينو گذري ويو آھي ڪو به ڏس پتو پئجي ناھي سگهيو جنھن سخت پريشان آھيون ھنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ٽنڊوالهيار ۽چمبڙ پوليس  کي درخواست ڏنيون آهن پر ڪو به کڙتيل ناھي نڪتو ،غريب آھيون پورھيو ڪري ٻچن جو پيٽ پالي گذر سفر ڪندا آھيون مغوي جي وارثن آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي سکر کان ۽ ٻين کان  مطالبو ڪيو آهي ته مغوي جي بازيابي لاءِ قدم کڻي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد ڪري مغوي جي بازياب ڪرايو وڃي.