ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)اليڪشن ڪميشن پاران ايم ڪيو ايم جي درخواست خلاف جواب داخل، ان ڏس ۾سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اليڪشن ڪميشن جي قانوني حيثيت بابت ايم ڪيو ايم جي درخواست  جي ٻڌڻي ٿي، اليڪشن ڪميشن جي  لا آفيسر عبدالله جواب داخل ڪرائي ڄاڻايو آهي ته اليڪشن ڪميشن بااختيار آئيني ادارو آهي، سمورا فيصلا قانون موجب ڪيا ويندا آهن، متحده  جي درخواست کي خارج ڪيو وڃي، عدالت وفاق ۽ سنڌ حڪومت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو توھان جواب داخل ڇو نه ڪرايو آھي؟ عدالت ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ کي ايندڙ ٻڌڻي تي هر صورت ۾ جواب جمع  ڪرائڻ جي ھدايت ڪندي ٻڌڻي پهرين ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي، واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن خلاف ايم پي اي ڪنور نويد ۽ ضلعي ميونسپل ڪارپوريشن جي اڳوڻن چيئرمينن پٽيشنن داخل ڪرائي هئي، درخواست ۾ چيف اليڪشن ڪمشنر، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان، اليڪشن ڪميشن سنڌ، چيف سيڪريٽري ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو آهي.