ڪينيڊا جون عام چونڊون: جسٽن ٽروڊو جي پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو

0
225

ڪراچي(م ڊ) ڪينيڊا جي عام چونڊن ۾ وزيراعظم جسٽن ٽروڊو جي پارٽي هڪ ڀيرو ٻيهر ميدان ماري ورتو.

جسٽن ٽروڊو جِي لبرل پارٽي جي ڪاميابي کانپوءِ ڪيناڊا ۾ هڪ دفعو وري اتحادي حڪومت ٺهڻ جا امڪان آهن.

لبرل پارٽي سان واسطو رکندڙ 6 ڪينيڊين پاڪستانين ۾ فتح حاصل ڪئي آهي، جن ۾ اقرا خالد، سلميٰ زاهد، سمير زبيري، شفقت علي، ياسر نقوي ۽ پال شيانگ جي کٽڻ سان پاڪستاني ڪينيڊينز جي پارليامينٽ ۾ تعداد وڌي ويو.

عام چونڊن ۾ ڪنهن به ٻي جماعت جو ڪو به پاڪستاني ڪينيڊين اميدوار ڪاميابي حاصل نه ڪري سگهيو.