گهوٽڪي ڀرسان ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، پيرسن مارجي ويو

0
214
گهوٽڪي ڀرسان ٻن

گهوٽڪي(ن پ ا) گهوٽڪي ڀرسان ميراڻي ۽ گهوٽا برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران صدمي ۾ پيرسن فوت ٿي ويو.

بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ حيات ميراڻي ۾ گهوٽا ۽ ميراڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ زمين ۾ مال جي ڀيل تان جهيڙي دوران لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب عبدالغفور ميراڻي، سهڻو ميراڻي ۽ غلام حسين ميراڻي زخمي ٿي پيا.

زخمي ڳوٺاڻن عبدالغفور ميراڻي ۽ سهڻو ميراڻي جو چوڻ آهي ته جهيڙي دوران جوابدارن جون لٺيون لڳڻ سبب پيرسن محمد رمضان ميراڻي مارجي ويو.

جوابدار بشير گهوٽو، لطيف گهوٽو ۽ ٻين مٿان بي سيڪشن ٿاڻي تي رپورٽ داخل ڪرائي پر پوليس هن وقت تائين جوابدارن خلاف ڪابه ڪارروائي ناهي ڪئي.

بي سيڪشن پوليس ٻڌايو ته پيرسن جي مارجي وڃڻ واري معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهيون.