برسات برسائيندڙ سسٽم سنڌ ۾ داخل، ڪراچي ۾ تيز برسات جو امڪان

0
499
برسات برسائيندڙ سسٽم

ڪراچي: برسات برسائيندڙ سسٽم سنڌ ۾ داخل ٿي ويو آھي، موسميات کاتي موجب اڄ کان سامونڊي هوائون گهلنديون، جيڪي صوبي تي اثر انداز ٿي سگهن ٿيون.

 ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽو، سکر، لاڙڪاڻو سميت صوبي جي مختلف  علائقن ۾ سڀاڻي کان ڪٿي هلڪي ته ڪٿي تيز برسات ٿي سگهي ٿي.

موسميات کاتي موجب ڪراچي ۾ اڄ ھلڪي ڦڙ ڦڙ جو امڪان آھي، ڪٿي وري تيز برسات جو پڻ امڪان آھي.

موسميات کاتي جو چوڻ آھي تھ حيدرآباد، ٺٽي، سکر، لاڙڪاڻي ۾ 23 کان 25 سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آھي، جڏھن تھ خيرپور، جيڪب آباد، شڪارپور ۽ ڄامشوري ۾ بھ 23 کان 25 سيپٽمبر تائين برسات جو امڪان آھي.