ڪوٽ لالو (ن پ ا) ڪوٽ لالو ڀرسان ڳوٺ غلام نبي آرائين ۾جوابدارن زاهد آرائين جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي، گهر ٻاهران رکيل ڪاٺ، ان، پاڻي واريون ٽانڪيون ۽ ٻيوسامان سڙي رک ٿي ويو. ڳوٺاڻن ڪنٽرول ڪري گهرن کي وڌيڪ سڙڻ کان بچائي ورتو. متاثر زاهد آرائين الزام هڻندي چيو ته محمد سرور ۽ رياض آرائين وارن سان پلاٽ معامري تان تڪرار هلندڙ آهي، شڪ آهي ته انهن باهه ڏئي گهر سميت گهر ڀاتين کي به ساڙي مارڻ جي ڪوشش ڪئي آهي انصاف ڏياريو، پوليس واقعي واري هنڌ پهچي واقعي بابت تفصيل ورتا.