خيرپور (رپورٽر) خيرپور ۾ آل اسپيشل پرسنس ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران حڪومت پاڪستان جي انساني حقن واري کاتي پاران 10 کان وڌيڪ معذورن جي امداد لاءِ موڪليل چيڪ ورهايا ويا. چيڪ ورهائڻ واري تقريب خيرپور رورل ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن جي آفيس ۾ ٿي گذري جنهن ۾ معذورن جي تنظيم جي صدر غلام رضا شيخ، اختيار خاصخيلي، علي دوست اڄڻ ۽ مزمل زيدي پاران معذورن ۾ چيڪ ورهايا ويا. ان موقعي تي آل اسپيشل پرسنس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي صدر غلام رضا شيخ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آل اسپيشل پرسنس ويلفيئر ايسوسيئيشن گذريل ڪيتري ئي عرصي کان معذورن جي حقن لاءِ پاڻ پتوڙي رهي آهي.