ڀٽ شاهه (ن پ ا) ڀٽ شاھ ۾ بدامني تي ضابطو نه اچي سگهيو آهي، لاڳيتو پنجين ڏينهن به هٿياربند موٽر سائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا آهن نامعلوم هٿياربندن پاران کنڊو اسٽاپ سامهون شوڪت مگسي کان ون ٽو فائيو موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا. ان کان سواءِ کنڊو اسٽاپ تي قاضي ڪالوني ۾ باگڙي برادري جي چنو ۽ سيولو باگڙي جي گهرن مان 3 ڏينهن اڳ ۾ کاٽ هڻي 2 تولا سون ۽ لک رپيا ڪيش چوري ڪرڻ ڇهين واردات آهي ڀٽ شاه جي نگري ۾ ڏينهن ڏٺي ٿيندڙ بدامني تي شهرين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانيل آهي. شهرين پاران ايس ايس پي مٽياري آصف احمد ٻگهيو ۽ ڊي آئي جي حيدرآباد شرجيل احمد کرل کان فوري طور تي نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي تـ ڀٽ شاه جي نگري ۾ امن بحال ڪرائي شهرين مان بيچيني ختم ڪئي وڃي.