گهوٽڪي (رپورٽر)گهوٽڪي ڀرسان ڳوٺ غلام حسين چاچڙ جي رهواسين غلام حسين چاچڙ، اختر چاچڙ، ارشاد چاچڙ احتجاج ڪندي چيو ته حاجي جيوڻ چاچڙ، حاجن چاچڙ، حمير چاچڙ، رشيد چاچڙ5 ايڪڙ زمين تي پوکيل ڪمند جي فصل ۾ زهريلو ڪيميڪل هاري ساڙي ڇڏيو آهي، لکين رپين جو نقصان ٿيو آهي، ڪچوٻنڊي پوليس ڪيس داخل نه ٿي ڪري. نوٽيس وٺي ڪمند کي زهريلو ڪيمڪل هاري ساڙيندڙ شرپسندن مٿان ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي الزام هيٺ آيل ڌر جي حاجي جيوڻ چاچڙ ٻڌايو ته اسان غلام حسين چاچڙ جي ڪمند جي فصل ۾ ڪيميڪل هاري ڪمند کي ناهي ساڙيو الزام ڪوڙا آهن ڀل معاملي انڪوائري ڪرائي وڃي.