ڪوٽ غلام محمد: مبينه اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول ٽيچر بازياب نه ٿي

0
284

ڪوٽ غلام محمد: شهر جي وارڊ نمبر 4 رانگڙ پاڙي مان 3 مهينا اڳ مبينه اغوا ڄاڻايل خانگي اسڪول جي ماسترياڻي ثناءَ ڌيءَ عبدالحڪيم راجپوت جي بازيابي لاءِ والد عبدالحڪيم راجپوت، والده ۽ وارثن احتجاجي مظاهرو ڪري پوليس خلاف شديد نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي ناري جي والد ۽ امڙ صحافين آڏو دانهيندي چيو ته 3 مهينا اڳ ثناءَ جي اغوا ڪرڻ جو ڪيس ڪوٽ غلام محمد ٿاڻي تي گلزار شاھ ۽ نامعلوم خلاف داخل ڪرايو ويو هو پر ان باوجود پوليس ناري ثناءَ راجپوت کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿي وئي آهي. هنن چيو ته اسان کي خدشو آهي ته اغوا ڪندڙ جوابدار ناري کي قتل نه ڪري ڇڏيو هجي يا ناري کي وڪرو نه ڪيو ويو هجي، هنن چيو ته ڪيس ۾ ملوث جوابدار ڏوهاري قسم جو ماڻهو آهي هو پهرين به نياڻين کي اغوا ڪري چڪو آهي. هنن حڪومت سنڌ آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ميرپورخاص ۽ اعلى اختيارين کي اپيل ڪندي گهر ڪئي ته ناري ثناءَ راجپوت کي بازياب ڪرائي کيس ظاهر ڪيو وڃي.