لاڙڪاڻو: هفتو اڳ قتل ٿيل شخص جي قتل ۾ ملوث 3 ڄڻا گرفتار

0
382

لاڙڪاڻو: لاڙڪاڻو پوليس بقاپور ٿاڻي جي حد مان هفتو اڳ قتل ٿي ويل عبدالغفور ابڙو جي قتل ۾ ملوث ٽن جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ان سلسلي ۾ اي ايس پي هيڊڪوارٽر احمد فيصل چوڌري پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس ٻڌايو ته 29 مئي 2021ع جي ڏينهن بقاپور ٿاڻي جي حد اوٺا چوڪ ويجهو ارباب ميمڻ جي زرعي زمين واري کوهه مان نامعلوم همراهه جو لاش هٿ ڪيو ويو جنهن معاملي جو ايس ايس پي لاڙڪاڻو عمران قريشي نوٽيس وٺندي ايس پي هيڊڪوارٽر جي اڳواڻيءَ ۾ جاچ ٽيم جوڙي جنهن ۾ مون سميت ايس ايڇ او بقاپور شامل هئا. هن ٻڌايو ته هٿ آيل لاش جي پهريان سڃاڻپ نه ٿي سگهي جنهن ڪري لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ۽ بعد ۾ مقتول جي ڀائيٽي نديم ابڙو لاش جي سڃاڻپ عبدالغفور ابڙو طور ڪئي. هن ٻڌايو ته پوسٽ مارٽم ۾ معلوم ٿيو ته مقتول کي گوليون هڻي نه پر ان جي منهن تي ٿيلهي ڏئي کيس ٺونشا ۽ مُڪون هڻي بيدرديءَ سان قتل ڪري جسم ۽ چهري جي بيحرمتي ڪئي وئي، ان تي اسان معاملي کي سنجيده وٺي ٽن جوابدارن عصمت الله پٽ علي گل ميمڻ، محمد عثمان پٽ علي گل ۽ محمد صادق ولد جواڻ کي گرفتار ڪري کانئن جاچ شروع ڪئي جن پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪندي ٻڌايو آهي ته مقتول عصمت الله کين جنسي طور حراسان ڪندو هو جنهن تي عبدالغفور کي انهن قتل ڪيو آهي.