ڪوٽڙي (رپورٽر)  ڪوٽڙي برٿ سرٽيفڪيٽ گهرڻ تان ٿيل منهن ماري شهري کي مهانگي پئجي وئي، سي ايم او ڏمرجي پيو، مشينري سميت شهري جي  گهر جي اڳران ٺاهيل نالو ۽ دڪو حددخلين ۾ ڄاڻائي ڀڃرائي ڇڏيو. مريم گارڊن جي رهواسي طارق مطفي پاران برٿ سرٽيفيڪيٽ ٺهڻ ۾ دير ٿيڻ تي مبينا طور شهري ۽ سي ايم او ميونسپل ڪوٽڙي وچ ۾ گذريل ڏينهن منهن ماري ٿي پئي هئي جنهن بعد شهري پاران سي ايم جي مبينا ڌمڪين واري وڊيو پڻ سوشل ميڊيا تي رکي تحفظ جي اپيل ڪئي هئي جنهن بعد سي ايم او شهري مٿان ڏمرجي پيو ۽ ميونسپل جو عملو وڏي  مشينري کڻي شهري جي در تي پهچي ويو ۽ گهر اڳيان ٺهيل نالي ۽ دڪي کي غير قانوني ڄاڻائي ڏاهي ڇڏيو، جنهن بعد وڏي انگ ۾ شهري گڏ ٿي ويا، طارق مصفي جو چوڻ آهي تہ بنا نوٽيس جي ميونسپل عملو منهنجي گهر جي دڪي ڊاهي انتقامي ڪاروائي ڪئي آھي،. ٻئي طرف سي ايم ڪو ٽڙي جاويد جتوئي جو چوڻ هو ته شهري سا ڪابه منهن ماري ناهي ٿي، گهٽيء مان حد دخليون هٽائڻ وارو ڪم معمول جي ڪاروائي هئي جنهن کي غلط رنگ ڏنو ويو