ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ ۾ ڀاڻ بحران خلاف مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا.جيڪب آباد ۾ نامعلوم ماڻهن پاران ڀاڻ سان ڀريل ٽرڪ روڪي ڦرلٽ،  اي سي کي ڌڪا ڏئي سندس گاڏيءَ تي پٿراءُ ڪيو ويو. ڊي سي آفيس اڳيان احتجاج ڪندڙ 20 آبادگارن تي ڪيس داخل، 2 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ان سلسلي ۾  ڪنڌڪوٽ ۾ ايس ٽي پي ۽ ايس يو پي پاران ڀاڻ کوٽ تي ڌار ڌار احتجاجي مظاهرا ۽ ڌرڻا لڳايا ويا آهن. لاڙڪاڻي ۾ سماجي تنظيم پيغام قرآن طرفان ڀاڻ جي کوٽ ۽ بليڪ مارڪيٽنگ خلاف محمد سليمان کوکر، غلام حيدر ڪورائي جي اڳواڻي ۾ درگاهه قائم شاهه بخاري کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ٺل باءِ پاس وٽ پوليس ڇاپو هڻي ٽرالر مان 3 سوُ يوريا ڀاڻ سان ڀريل ٻوريون هٿ ڪري ٽرالر کي تحويل ۾ ورتو. اسسٽنٽ ڪمشنر، مختيارڪار ۽ زراعت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ٽرالر مان ڀاڻ لهرائي گدام سيل ڪري ڇڏيو. محبت ديرو ۾ آبادگارن گل بھار، غلام مرتضيٰ، نثار علي، محمد نواز ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو، جيڪب آباد ۾باءِ پاس تي ٽرڪ روڪي ڀاڻ ڦرڻ ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر کي ڌڪا ڏئي سندس گاڏي تي پٿراءُ ڪندڙن تي ڪيس داخل ڪرڻ بجاءِ ڊي سي آفيس آڏو احتجاج ڪندڙ 20 آبادگارن تي سول لائن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس الزام هيٺ آيل ٻن ڄڻن دادپور جاگير واسي نور حسن جکراڻي ۽ نوازو جاگير واسي عبدالرزاق جکراڻي کي گرفتار ڪري ورتو.