حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌو درياهه ۾ ڪوٽڙي بئراج وٽ پاڻي جا وهڪرا 6 لک 4 هزار ڪيوسڪ تي ٽڪيل آهن جڏهن ته دادو-مورو پل وٽ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ اچڻ شروع ٿي آهي. ڪوٽڙي بئراج اپ اسٽريم وٽ پاڻي جا وهڪرا 6 لک 4 هزار 99 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيا ويا جڏهن ته ڊائون اسٽريم 5 لک 83 هزار 882 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. دادو-مورو پل وٽ پاڻي جي سطح ۾ وڌيڪ لاٿ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اتي پاڻي جي سطح 130.4 تي پهتي آهي. تونسا بئراج جو مٿانهون وهڪرو به  گهٽجي ويو آهي جتي پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 95 هزار 851 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 79 هزار 351 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. پنجند وٽان سنڌو ۾ 9 هزار 256 ڪيوسڪ پاڻي ڇوڙ ڪيو پيو وڃي. گڊو بئراج وٽ مٿانهين پاسي پاڻي جو وهڪرو هڪ لک 92 هزار 295 ۽ هيٺانهون وهڪرو هڪ لک 85 هزار 835 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. سکر بئراج جو مٿانهون ۽ هيٺانهون وهڪرو 2 لک 55 هزار 50 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو. دادو-مورو پل وٽ پاڻي وهڪرن ۾ لاٿ کانپوءِ امڪان آهي ته سڀاڻي رات جو ڪوٽڙي بئراج وٽ به پاڻي جي وهڪرن ۾ معمولي لاٿ اچي ويندي.