اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن قومي اسيمبلي جي 10 ۽ پنجاب اسيمبلي جي 3 صوبائي تڪن تي رٿيل ضمني چونڊون ملتوي ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جن ۾ قومي اسيمبلي جا اهي 9 تڪ به شامل آهن جن تي پي ٽي آءِ سربراهه عمران خان اميدوار طور ميدان تي لٿو هو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي صدارت ۾ هيٺ اهم اجلاس ۾ چئني صوبن جي اليڪشن ڪميشن ميمبرن، سيڪريٽري ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي، اجلاس دوران اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري ڪميشن کي 10 قومي اسيمبلي جي تڪن ۽ 3 پنجاب اسيمبلي جي تڪن سوڌو 13 تڪن تي 11 سيپٽمبر، 25 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر تي رٿيل ضمني چونڊن بابت بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته تباهه ڪندڙ برساتن ۽ ٻوڏ سبب سنڌ، خيبر پختونخوا ۽ ڏکڻ پنجاب ۾ اچ وڃ جو نظام متاثر ٿيو آهي، عمارتون تباهه ٿيون آهن ۽ ٽرانسپورٽ جو نظام به درهم برهم ٿيل آهي، قومي ايمرجنسي جي صورتحال پيدا ٿي وئي آهي، قومي ادارا جن ۾ پوليس، پاڪ فوج، رينجرز، ڪانسٽيبلري، انتظامي ۽ ٻيا آفيسر جيڪي اليڪشن ڊيوٽي لاءِ مقرر ڪيا ويا هئا اهي ٻوڏ متاثرن ۾ خوراڪ جي فراهمي ۽ وبائي مرض ڦهلجڻ سبب ضروري امدادي ڪاررواين ۾ مصروف آهن، اليڪشن ڪميشن 23 آگسٽ 2022ع تي گهرو وزارت کي ضمني چونڊن دوران امن امان کي يقيني بڻائڻ لاءِ پاڪ فوج، رينجرز ۽ ايف سي جون خدمتون گهريون هيون پر مٿي ڄاڻايل قومي ايمرجنسي جي صورتحال سبب اليڪشن ڊيوٽي لاءِ انهن جي مقرري لاءِ يقين خاطري نه ڪرائي وئي آهي، ان کانسواءِ خيبر پختونخوا صوبي ۾ به امن امان جي صورتحال خراب آهي، جتي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن تي حملا ڪيا ويا آهن جن ۾ قيمتي جانيون به ضايع ٿيون آهن، اليڪشن ڪميشن کي وفاقي گهرو وزارت چيو ويو آهي ته پاڪ فوج، رينجرز ۽ ايف سي ملڪ ۾ ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪاررواين، اندروني سيڪيورٽي ۽ دهشتگردي جي ڪاررواين جي روڪٿام ۾ مصروف آهن، ان طرح پاڪ فوج جي اختيارين به ٻوڏ صورتحال جي قومي سانحي جو حوالو ڏنو آهي، پرامن اليڪشن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڄاڻايل فورسز جي دستيابي مشڪل آهي، صوبائي اليڪشن ڪمشنر سنڌ، خيبر پختونخوا، پنجاب به موجوده حالتن ۾ ضمني چونڊون ڪرائڻ کي ناممڪن قرار ڏنو آهي ۽ ٻڌايو آهي ته سرڪاري عمارتن ۾ ٻوڏ متاثرن کي رکيو ويو آهي، جيڪي عمارتون پولنگ اسٽيشنن لاءِ مختص ڪيون ويون هيون، اهڙي بريفنگ کانپوءِ اليڪشن ڪميشن تمام حالتن کي نظر ۾ رکندي قومي اسيمبلي جي 10 ۽ پنجاب اسيمبلي جي ٽن سيٽن سوڌو 13 سيٽن تي 11 سيپٽمبر، 25 سيپٽمبر ۽ 2 آڪٽوبر 2022ع تي رٿيل ضمني چونڊون ملتوي ڪريون ٿا، جن تڪن تي چونڊون ملتوي ڪيون پيون وڃن انهن تي باقي مرحلا چونڊ شيڊول مطابق ٿيندا، رڳو قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي دستيابي کانپوءِ نئين پولنگ جي تاريخ جو اعلان ڪيو ويندو، جن تڪن ۾ چونڊون ملتوي ڪيو ويون آهن، انهن ۾ قومي اسيمبلي جا 10 تڪ شامل آهن، جن ۾ اين اي 157 ملتان 4، اين اي 22 مردان 3، اين اي 24 چارسده ، اين اي 31 پشاور، اين اي 45 ڪرم ايجنسي، اين اي 108 فيصل آباد، اين اي 118 ننڪاڻه صاحب، اين اي 237 ملير، اين اي 239 ڪورنگي ڪراچي، اين اي 246 ڏکڻ ڪراچي شامل آهن، جڏهن ته پنجاب اسيمبلي جي تڪن ۾ پي پي 139 شيخو پوره، پي پي 241 بهاول نگر ۽ پي پي 209 خانيوال شامل آهن، قومي اسيمبلي جي 10 تڪن مان اين اي 157 ملتان تي11 سيپٽمبر جڏهن ته باقي 9 تڪن تي ضمني چونڊ لاءِ پولنگ 25 سيپٽمبر تي رٿيل هئي، جن 9 تڪن تي پي ٽي آءِ جو سربراهه عمران خان اميدوار طور سامهون آيو هو.