ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ڪورونا ڪيسن ۾ واڌ سبب سرڪاري اسپتالن ۾ ايمرجنسي ۽ سرڪاري آفيسون 8 آگسٽ تائين بند رهڻ جا نوٽيفڪيشن جاري ڪيا ويا آهن. ان حوالي سان ڪالهه صحت کاتي جي سيڪريٽري پاران صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي، جنهن ۾ اسپتالن جي انتظاميا کي پابند ڪيو ويو آهي ته اسپتالن ۾ گھربل انتظام مڪمل ڪيا وڃن. ٻئي پاسي وڏي وزير جي هدايتن بعد سنڌ ۾ سرڪاري آفيسون به بند ڪرڻ جو الڳ نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ته سنڌ جون سموريون سرڪاري آفيسون 31 جولاءِ کان 8 آگسٽ تائين بند رهنديون. جنرل ايڊمنسٽريشن کاتي جي اختيارين پاران جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب سمورن کاتن جون سرڪاري آفيسون 9 ڏينهن تائين بند رهنديون. جڏهن ته صحت کاتي سميت قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ۽ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ ڪردار ادا ڪندڙ کاتا ۽ ادارا کليل رهندا.