اسلام آباد (م ڊ) ڪورونا وائرس ۾ مبتلا سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس قاضي فائز عيسي جي طبيعت خراب، کيس نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ذريعن موجب ڊاڪٽرن جسٽس قاضي فائز جو معائنو ڪيو، سندس سي ٽي اسڪين به ڪيو ويو، سندس رپورٽ تسلي جوڳو نه آهي، ڊاڪٽرن قاضي فائز کي نجي اسپتال منتقل ڪرڻ جو مشورو ڏنو، جڏهن ته قاضي فائز گهرواري سان مشوري بعد اسپتال منتقل ٿيڻ تي راضي ٿيو، ذريعن موجب جسٽس فائز کي کنگهه جي تڪليف آهي، جسٽس فائز جي چيڪ اپ لاءِ ميڊيڪل بورڊ جوڙڻ جو امڪان آهي، جنهن ۾ پمز، پولي ڪلينڪ ۽ عسڪري اسپتال جي ڊاڪٽرن کي به شامل ڪرڻ جو امڪان آهي.