اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي ڪوورنا متاثر ضلعن ۾ پهرين کان اٺين درجي تائين جا اسڪول 28 اپريل تائين بند ڪرڻ جو فيصلو: متاثر علائقن ۾ يونيورسٽيز به بند رهنديون، 19 اپريل کان ميٽرڪ ۽ انٽر جا اسڪول ٻيهر کلندا، اين سي او سي سڄي ملڪ ۾ ڪورونا متاثر ضلعن ۾ ڪلاس هڪ کان اٺين تائين تائين 28 اپريل تائين اسڪولن کي بند رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، اين سي او سي جي اجلاس بعد پريس ڪانفرنس ڪندي تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود چيو آهي ته ملڪ جو هر ضلعو ڪورونا سان متاثر نه آهي، ان جي ڪري جيڪي ضلعا متاثر آهن اتي ڪلاس هڪ کان اٺين تائين اسڪولن کي 28 اپريل تائين بند رکيو ويندو ۽ 28 اپريل تي ٻيهر هن مامري جو جائزو ورتو ويندو ته اسڪولن کي عيد تائين بند رکيو وڃي يا عيد کان اڳ اسڪولز کوليا وڃن، هن چيو آهي ته ڪورونا متاثر ضلعن بابت صوبا پاڻ فيصلو ڪندا ته ڪهڙن ضلعن ۾ اسڪولن کي بند ڪيو وڃي.