اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي ڪابينا ۾ وڏي پيماني تي ڦير ڦار کي ڪجهه ڏينهن لاءِ ملتوي ڪيو ويو آهي، ذريعن موجب وزيراعظم عمران خان ڪجهه ڏينهن بعد وفاقي ڪابينا ۾ مٽا سٽا جو فيصلو ڪندو، جنهن جي لاءِ هن پنهنجي ويجهي ساٿين سان مشاورت ڪري ڇڏي آهي. ذريعن موجب وفاقي ڪابينا ۾ اهم ۽ وڏين وزارتن ۾ وڏي پيماني تي تبديلي جو امڪان آهي، جنهن تحت ڪارڪردگي نه ڏيکاريندڙ وزيرن کي تبديل ڪيو ويندو، ذريعن جو چوڻ آهي ته فوڊ ۽ سيڪيورٽي کاتي جو وزير فخر امام، سڌ سماءُ بابت وزير شبلي فراز، توانائي وارو عمر ايوب ۽ هوابازي واري وفاقي وزير غلام سرور خان جون وزارتون تبديل ڪيون وينديون، ذريعن موجب سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي واري وفاقي وزير فواد چوڌري کي هڪ ڀيرو ٻيهر اطلاعات کاتو ڏيڻ جي آڇ ڪئي وئي، جنهن تي هن مشاورت جي لاءِ وقت طلب ڪيو آهي، جڏهن ته اطلاعات کاتي ۾ وفاقي وزير سان گڏ مملڪتي وزير به لڳائڻ جي تجويز آهي، موجوده وزير شبلي فراز کي توانائي وارو کاتو ڏيڻ جو امڪان آهي..