ڪورونا جي حوالي سان نادرا جي نظام ۾ وڏي خامي جو انڪشاف

0
310

ڪراچي (ڊيسڪ رپورٽ) پوري دنيا ۾ پکڙيل عالمي وبا ڪورونا وائرس جي حوالي سان پاڪستان جي نيشنل ڊيٽا بيس اينڊ رجسٽريشن اٿارٽي (نادرا) جي نظام ۾ ھڪ وڏي خرابي جو انڪشاف سامھون آيو آھي، ذريعن موجب، نادرا سسٽم ڊبل ڊوز ويڪسين لڳائڻ وارن کي ئي ڪورونا سرٽيفڪيٽ جاري ڪري سگھي ٿو، جن سنگل ڊوز ڪورونا ويڪسين لڳرائي اھي ڪورونا جو سرٽيفڪيٽ حاصل نٿا ڪري سگھن، ذريعن موجب ڪورونا ويڪسين ڊبل ڊوز ۾ بھ لڳي ٿي ۽ سنگل ڊوز جي ويڪسين بھ مارڪيٽ ۾ دستياب آھي، پر پاڪستان ۾ صارفين جي اڪثريت سنگل ڊوز ويڪسين سائنو بائيو استعمال ڪري رھيا آھن. حڪومت جي طرفان عوام کي سنگل ڊوز ويڪسين شروع ڪئي وئي آھي، نادرا عملدارن جو چوڻ آھي تھ اسان جي سسٽم ۾ ڊبل ڊوز وارن کي سرٽيفڪيٽ ان جي ڪري ڏنو آھي تھ سنگل ڊوز حڪومت شروع نھ ڪيو آھي، اسان جو نظام حڪومت جي ويڪسين جي نظام سان جڙيل آھي.