سيھڙ (ن پ ا) سيھڙ ۾ 8 سالا نينگر پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت. خبر موجب سيھڙ ۾ 8 سالن جو روي پٽ وحيد سومرو راند ڪندي پاڻي جي تلاءَ ۾ ٻڏي فوت ٿي ويو، نينگر جي گم ٿيڻ تي وارثن پاران ڳولا ڪئي وئي، جنهن بعد نينگر جو لاش تلاءَ مان هٿ ڪيو ويو. نينگر جو لاش گھر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو ۽ امڙ کي بيھوشي جا دورا پئجي ويا.