لاڙڪاڻو (بيورو رپورٽ) لاڙڪاڻي ويجهو ڳوٺ نبي بخش چانڊيو وٽ تيز رفتار چنگچي ڪلٽي ٿيڻ جي نتيجي ۾ چانڊڪا پل واري علائقي جي رهواسي 6 ورهين جي عليزه ڌيءَ اختيار چانڊيو سخت زخمي ٿي پئي، جنهن کي وارثن ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽرن پاران ٻارڙي جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، وارثن ٻڌايو ته هو قمبر تعلقي جي ڳوٺ شيخ جي تڪ ۾ مائٽن جي شادي تان واپس لاڙڪاڻي اچي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو. نينگري جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.