ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ  لانڍي واسي ذهني معذور رئيس الدين جي گمشدگي خلاف درخواست تي گهرو سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي نوٽيسز جاري جواب طلبي ورتو، ڪالهه ٻڌڻي دوران رئيس جي امڙ ٻڌايو ته رئيس الدين 2018ع کان گم آهي، اسان مختلف درگاهن تي به ڳولا ڪئي آھي پر سندس ڪو ڏس پتو ناھي مليو، عدالت گهرو سيڪريٽري ۽  آءِ جي سنڌ کي نوٽيس جاري ڪندي ٻڌڻي 27 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي.