لاڙڪاڻو( رپورٽ: نادر ابڙو ) لاڙڪاڻي ۾ 8 مارچ عورتن جي عالمي ڏهاڙي جي حوالي سان گومي ٻائي ليڊيز ڪلب ۾ رنگارنگي تقريب ڪوٺائي وئي.ڪمشنر لاڙڪاڻو، ڊپٽي ڪمشنر ۽ ٻين گڏجي ربن ڪاٽي افتتاح ڪيو.شاگردياڻين ٽيبلوز پيش ڪري پنهنجي جوشيلي انداز ۾ تقريرون ڪري عورتن جي مسئلن کي  اجاگر ڪيو. گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جي انتظاميه طرفان کاڌي پيتي، ڪپڙن، هار سينگار، آرٽ سميت ٻين مختلف شين توڙي ڪلب جي ميمبرشپ لاءِ اسٽال لڳايا ويا.عورتن جي حقن لاءِ پتوڙيندڙ، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سرگرم ڪردار ادا ڪرڻ توڙي مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي عيوض گومي ٻائي ليڊيز ڪلب جي صدر فريده پيچوهو، نائب صدر ڊاڪٽر انيلا اسراڻ، جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر سڪينه گاد، چاندني پوري، ثمينه ابڙو، پرنسپال گورنمينٽ گرلس هائير سيڪنڊري اسڪول ميڊم ممتاز، ناري اڳواڻ ۽ ليکڪه ناياب سرڪش سنڌي، تعليمدان پروفيسر مختيار سمون، چانڊڪا اسپتال جي ميڊيڪل سپريٽيڊنٽ ڊاڪٽر گلزار احمد تونيو، اڳوڻي ايم ايس ڊاڪٽر عبدالستار شيخ، ڊاڪٽر ديالي گل، ڊاڪٽر ارم ناز، محمد صالح بليدي، مختيار جتوئي ٻين کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ۽ شيلڊون ڏنيون ويون. ڪمشنر لاڙڪاڻو گهنور علي لغاري چيو ته اسان جي ڌرتي ماءُ ۽ عورت ماءُ وڏي تڪليفن ۾ مبتلا آهي، ٻنهي مائرن سان هن وقت دنيا جنهن قسم جو ورتاءُ ڪري پئي ان کي تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن چيو ته عورتن ۾ بيبي سانئڻ فاطمه زهره سلام الله عليها، بي بي سائنڻ زينب سلام الله عليها ۽ اسان جي ملڪ جي بهادر اڳوڻ اڳوڻي وزيراعظم شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي ڪردارن کان اسين سڀئي واقف آهيون جن جو شان ۽ مان مٿانهون آهي.