ڄامشورو (رپورٽر) بلاول ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردن مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪيو آهي، شاگردن ڪلاسن جو بائيڪاٽ ڪري لمس يونيورسٽي جي مک گيٽ آڏو ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي  نياز مزاري، زاهد شر، ياسر نوتڪاڻي ۽ ٻين ڇيو ته بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ مسئلن جي حل لاءِ احتجاج ڪرڻ اسان جو حق آهي فين ۾ ڳاٽي ٽوڙ واڌ ڪئي وئي آهي هڪ سال اندر فيس 6 لک مان وڌائي 10 لک ڪئي وئي آهي، هاسٽلن جي کوٽ سبب خانگي جاين تي مسواڙ تي رهي رهيا آهيون، ٽرانسپورٽ جون بهتر سهولتون نه هجڻ ڪري ڪرايي جي مد ۾ پئسا ڏيڻ باوجود رڪشائن تي ڌڪا کائيندي کيسي مان پئسا خرچ ڪرڻ تي مجبور آهيون،هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻي طرف انتظاميا  شاگردن سان ڳالهيون ڪري مسئلا حل ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي احتجاج ختم ڪرايو.