ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) ڪنڌڪوٽ جي بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ الاھي بخش کوسو ۾ مبينا طور سيني ۾ ڌڪ لڳڻ سبب اڌڙوٽ شخص الله داد عرف الله ورايو کوسو فوت  ٿي ويو. قمبر، صفر، حمل کوسو ۽ ٻين وارثن احتجاج ڪندي چيو ته شيخ برادري جا ماڻھو چوري جا پيرا کڻي آيا، جن کي چيو توھان ڀلي جهڙتي وٺو، توھان جي چوري جا پيرا اسان جي گھرن ڏي ناهن آيا، ڪجهه ماڻھن منھن ماري ڪئي ۽ اسان جي ڀاءُ الله داد عرف الله ورايو کوسو کي سيني ۾ ڌڪ ھنيو جيڪو فوت ٿي ويو، ايس ايچ او بي سيڪشن ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ رشوت گهري.هنن چيو ته شيخ برادري سان سڱاوتي مسئلو ھلي رھيو آھي، انهن چوري جو ڪوڙو ڊرامو رچائي ڳوٺ تي ڪاهه ڪئي، پوليس به انهن سان گڏ هئي،پوليس لاش کڻائي اسپتال پهچايو،ايس ايس پي آفيس آڏو 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو ويو، پوليس جو اعليٰ عملدار ڳالهين لاءِ نه پهچڻ تي انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هنيو ويو.ٻئي طرف الزام ھيٺ آيل ڌر جي امير بخش،  امان الله ۽ محمد عمر شيخ رابطو ڪرڻ تي ته تي ٻڌايو ته اسان جي چوري ٿي، پيرا کڻي وياسين جيڪي الله داد کوسو وارن جي گھرن کان پري گم ٿيا،  اسان انهن جي اوطاق تي وڃي چانھن پيتي مرحوم وارن سان ته مائٽي، رشتا واسطا آھن، اسان جا چور به نه آھن کوسن ۽ اسان جو شڪ به مرحوم واري ڌر مٿان نه آھي.مرحوم سان منھن ماري به نٿي آھي.ڌڪ ڌڪو ته پري جي ڳالھ آھي.رش ڊمب ڏسي مرحوم  الله داد کوسو کي شايد ھاٽ اٽيڪ ٿيو جو ھو فوت ٿيو. اسان تي ثابت ٿئي ته اسان ھر ڏوھ ۽ ڀرڻ لاءِ تيار آھيون.