فريدآباد(ن پ ا) فريد آباد ۾ ويجھي عزيز کي سزا ملڻ جي ڪوڙي خبر ٻڌي هڪ عورت مبينا طور صدمي ۾ فوت ٿي وئي جڏهن ته ٻي عورت به بيهوش ٿي وئي. گذريل رات ڳوٺ ڇٽوميرواڻي ۾ پٽ غلام نبي چانڊيو ۽ ٻين کي عدالتي فيصلي ۾ سزا اچڻ جي ڳوٺ ۾ مبيناطور ھليل افواھن ۽ خبرن بعد پيرسن عورت جنت زال محمد چانڊيو فوت ٿي ويئي. جڏهن ته فوتي عورت جي وارثن خادم،محمد،وريام، ميھر علي،اميران روزينا ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانھيو ته اسان ۽ اسان جي مخالفن وچ ۾ ڪورٽ ۾ ڪيس ھلندڙ آهي ان ڪيس جو عدالت اڃان فيصلو ئي نه ڏنو آهي ان باوجود اسان جي مخالفن خان محمد چانڊيو، ڊاڪٽر ديدار ،محمد بخش ۽ ٻين ڳوٺ ۾ ڪوڙي خبر ھلائي آهي ته عدالت اسان ماڻهن عبدالرحيم، غلام نبي، صحبت چانڊيو ۽ ٻين کي 25 سال قيد جي سزا ٻڌائي آهي.ھنن وڌيڪ چيو ته اھڙي خبر ٻڌڻ تي اسان جي گهر جون 2 عورتون حراسجي بيھوش ٿي ويون جنهن مان  جنت خاتون زال محمد چانڊيو فوت ٿي ويئي آهي جڏهن ته پيراڻي زال غلام علي بيھوش آهي جيڪا اسپتال داخل آهي.ھنن  ايس ايس پي دادو آء جي سنڌ ۽ ٻين اعلي اختيارن کي اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي شفاف انڪوائري ڪرائي فوتي عورت جو ڪيس جوابدارن مٿان داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.