موهن جو دڙو:  ڊاڪٽر ڪليم لاشاري چيو ته تحقيق جي سلسلي ۾ هن 2018ع ۾ هڪ پي سي ٺاهي سنڌ حڪومت ڏانهن موڪلي پر سرڪار منظوري لاءِ نه موڪلي. 2 سال بعد ٻيهر تيار ڪري موڪلي پر پوءِ به رد ٿي وئي. هن چيو ته سرڪار هميشه اهڙيون اسڪيمون پسند ڪندي آهي جنهن ۾ وهوا ٿئي ۽ تاڙيون وڄن. پر تحقيقي ڪم وارين اسڪيمن کي اهميت نه ٿي ڏني وڃي. اهو ئي سبب آهي ته عظيم تهذيب جي عظيم ڪم کي مڪمل ڪري نه سگهيا آهيون.