ڪنڌڪوٽ (رپورٽر)ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس اهلڪار عبدالنبي بجاراڻي جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ ضلعي اندر وڌنڌڙ بدامني خلاف آل پارٽيز موومينٽ جي سڏ تي سنڌ بار ڪائونسل ميمبر عبدالغني بجاراڻي، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر اڪرم باجڪاڻي، جماعت اسلامي جي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا، غلام مصطفيٰ ميراڻي، ايس يو پي جي ڊويزنل صدر ظريت بجاراڻي، ايس يو پي جي ضلعي صدر دلمراد ڏاھاڻي، پاڪ سرزمين پارٽي جي بشير ميراڻي، جي يو آءِ جي مولوي جمال الدين اوڳاھي جي اڳواڻي ۾ گھنٽا گھر کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي.اڳواڻن جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار عبدالنبي بجاراڻي جا قاتل گرفتار ناهن ٿي سگهيا، چوريون، ڦرون، ڌاڙا ۽ اغوا روز جو معمول بڻجي ويا آھن.هنن سنڌ حڪومت، سنڌ پوليس، آءِ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته فوري طور ضلعي ۾ امن امان بحال ڪرايو. هوڏانهن ايس ايس پي ڪشمور جو چوڻ هو ته پوليس اهلڪار عبدالنبي بجاراڻي جي قاتلن کي جلد گرفتار ڪري ميڊيا سامهون پيش ڪبو.هن چيو ته امن امان جي صورتحال تي پوليس ڪنٽرول ڪري رهي آهي. شهرين کي اپيل آهي ته پوليس جو ساٿ ڏين.