ٽنڊو محمد خان / شيخ ڀرڪيو (ن پ ا) سماجي ورڪر رضيه سهتو تي حملي جو ڪيس ٻن عورتن سميت ڇهن ڄڻن تي داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ايف آءِ آر ۾ رضيه سهتو جي پيءُ کي مڙس ڄاڻائي ڇڏيو . شيخ ڀرڪيو ويجهو ڳوٺ خالق ڏنو سهتو ۾ سماجي ورڪر رضيه سهتو تي ٿيل حملي جو ڪيس غفار سهتو ، وقار سهتو، فاروق عرف بابو سهتو ، مور سهتو، مسمات سويرا سهتو ۽ شانو سهتو تي داخل ڪيو ويو آهي . پوليس ايف آء آر ۾ غيرشادي شده عورت کي شادي شده ڄاڻائيندي رضيه سهتو جي والد کي سندس مڙس ڄاڻائي ڇڏيو آهي رابطو ڪرڻ تي پوليس جو چوڻ هو ته اها ايڏي وڏي غلطي ناهي جڏهن ته  رضيه سهتو جو چوڻ آهي ڪيس داخل ٿيڻ باوجود گرفتاري عمل ۾ ناهي آئي. هن چيو ته هي ڏيڍ مهيني کان برسات متاثرين جي مدد ۾ مصروف آهي جيڪا ڳالھه بااثرن کان هضم نٿي ٿئي جن پلاننگ تحت حملو ڪرايو هنن مطالبو ڪيو ته ملوث جوابدار گرفتار ڪري ساڻس انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي  ٽنڊو محمد خان ۾ حملي جا جوابدار گرفتار نه ٿيڻ خلاف سماجي عورت اڳواڻ سميت ضلعي جي قومپرست ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن پاران ضلعي انتظاميه کي جوابدار 48 ڪلاڪن اندر گرفتار نه ڪرڻ جي صورت ۾ ايس ايس پي آفيس آڏو احتجاجي ڌرڻي جو اعلان ڪيو ويو آهي ، سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو ، سفت اڳواڻ پپو بلوچ ، جسقم اڳواڻ جاويد هاليپوٽو ، ايس ٽي پي اڳواڻ محمد جمن ملاح ، جيئي سنڌ محاذ اڳواڻ زاهد جسڪاڻي ۽ ٻين ٽنڊو محمد خان پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته گذريل ڏينهن ٽنڊو محمد خان جي ڀرسان ڳوٺ حاجي خالقڏنو سهتو ۾ سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو برسات ۽ ٻوڏ جي متاثرين ۾ امدادي سامان ۽ دوائون تقسيم ڪرڻ لاءِ ويئي ته ڳوٺ جي چڱي مڙس ۽ پيپلز پارٽي جي وڏيري حاجي هاشم سهتو ۽ سندس ناٺي فيصل سهتو جي بڇ تي غفار سهتو ، وقار سهتو ، مور سهتو ، بابو سهتو سميت ٻن عورتن سويرا ۽ شنو اچي لٺين ۽ ڪهاڙين سان قاتلاڻو حملو ڪندي سندس گاڏي جا سمورا شيشا  ٽوڙي ڇڏيا ، جنهن ۾ هُو رڙيون ڪرڻ دوران ٻيا ڳوٺاڻا پهچي وڃڻ تي معجزانه طور بچي ويئي ، هنن وڌيڪ چيو ته ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان واقعي جو نوٽيس ته ورتو پر ايف آءِ آر نمبر 2022/75 شيخ ڀرڪيو ٿاڻي جي پوليس بااثر وڏيري ۽ سندس ناٺي جي چوڻ تي سندن نالا شامل نه ڪيا پر الٽو سماجي عورت اڳواڻ رضيه سهتو جيڪا غيرشادي شده آهي هن کي ايف آءِ آر ۾ شادي شده ڄاڻائي پنهنجي پيءُ خدابخش جي زال ڄاڻايو ويو آهي ، جيڪا پوليس وڏيري جي ونگار وهندي ناانصافي ڪئي آهي. انتظاميه کي 48 ڪلاڪن جو الٽيميٽم ڏيون ٿا ته واقعي ۾ ملوث سمورا جوابدار ۽ بااثر وڏيري ۽ سندس ناٺي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي ٽنڊو محمد خان جي آفيس ٻاهران احتجاج ڌرڻو هنيو ويندو .