خانپورمھر (ن پ ا) 2 ڏينھن اڳ خانپورمھر ويجھو گاجي پل وٽ موٽرسائيڪل ڦر دوران جوابدارن سان مقابلي ۾  زخمي ٿيل پوليس اھلڪار حسين بخش گڏاڻي جو ڪيس خانپورمھر ٿاڻي جي سرڪار پاران زيد گڏاڻي جي فرياد تي داخل ڪيو ويو آهي، ايف آءِ آر ۾ دھشتگردي جو قلم 7 اي ٽي اي به شامل ڪيو ويو آھي، ايف آءِ آر ۾ فريادي موقف اختيار ڪيو آھي ته گاجي پل وٽان موٽرساسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿيندڙ جوابدارن سان پوليس جو مقابلو ٿيو، جنھن ۾ گوليون لڳڻ سبب پوليس اھلڪار حسين بخش گڏاڻي زخمي ٿي پيو، جڏھن ته ڏوھاري ڦر ڪيل موٽرسائيڪل ڇڏي فرار ٿي ويا، جڏھن ته ساڳي واقعي جي ھڪ وڌيڪ ايف آءِ آر ڳوٺاڻي خالد حسين گڏاڻي جي فرياد تي ٽن نامعلوم جوابدارن مٿان  داخل ڪئي وئي، جنھن ۾ فريادي خالد گڏاڻي موقف اختيار ڪيو آھي ته کانئس 3 نامعلوم ھٿيار بندن موٽرسائيڪل ڦر ڪري فرار ٿي ويا، جڏهن ته گرفتاري نه ٿي سگهي آهي.