ڪنڊيارو (ن پ ا) ڪنڊيارو ۾ صحافين کي نشانو بڻائي سندن گهران ڪيل ڦرن ۽ چورين وارين وارداتن خلاف صحافين ڪامران سهتو، ممتاز ملاح، جاويد مڱريو، وحيد چنا، امجد سهتو، محمد علي سهتو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، احتجاج ۾ جسقم جي امداد ڪليري، نجيب مڱريو،  پ پ ش ڀ جي ظفر کوسو، نوجوان اتحاد جي ببلو مڱريو ۽ ٻين به شرڪت ڪئي، هنن مطالبو ڪيو ته صحافين جي گهر مان ٿيل چوريون واپس ڪرائي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.