وارھ (ن پ ا) وارھ ٽائون جي ملازم بلاول شيخ جي گرفتاري خلاف شاھ لطيف لوڪل گورنمينٽ ايمپلائيز يونين پاران ضلعي صدر عبدالحفيظ ٻگهيو، شبير ماڇي، وحيد ٻگهيو جي اڳواڻي ۾  چوٿين ڏينهن به احتجاجي ريلي ڪڍي فاضل راهو چونڪ تي ڌرڻو هڻي ٽائرن کي باهيون ڏنيون ويون. اڳواڻن چيوته پوليس اهلڪار آصف چانڊيو  ۽ ديدار ڦلپوٽو ٽائون ڪاميٽي ۾ سوئيپر بلاول شيخ کي گرفتار ڪري 50 هزار رشوت گهري نه ڏيڻ تي مٿس جوا جو ڪيس داخل ڪيو ويو، بعد ۾ کانئس 3 هزار رشوت وٺڻ بعد شخصي ضمانت تي کيس آزاد ڪيو ويو. نوٽيس وٺي ملازم مٿان ڪوڙو ڪيس ختم ڪري ملوث پوليس اهلڪارن کي هٽائي  انصاف ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رکيو ويندو .