ڪنڊيارو، رپڙي ۽ ڏھرڪي ۾ ناري سوڌو 3 ڄڻا قتل

0
184
ڪنڊيارو، رپڙي ۽ ڏھرڪي

ڪنڊيارو، رپڙي، ڏھرڪي (نمائندن وٽان) ڪنڊيارو، رپڙي ۽ ڏھرڪي ۾ ناري سوڌو 3 ڄڻا قتل ٿي ويا، ڪنڊيارو جي ڳوٺ نهال شاهه ۾ جوابدار فائرنگ ڪري پنهنجي سڳي ڀيڻ کي قتل ڪري ڇڏيو، واقعي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو

 پوليس جوابدار مختيار احمد شاهه پاران قتل ڪيل عرفانه جو لاش تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، جاچ شروع ٿي وئي آھي

ٻئي پاسي رپڙي جي ڪچي واري علائقي ۾ سڱاوتي تڪرار تان هٿياربندن گهر تي حملوڪيو، هڪ نوجوان مارجي ويو، مارجي ويل نوجوان جي سڃاڻپ 22 سالن جي عرض محمد رند طور ٿي

ڏهرڪي جي بلوچ ڪالوني مان ٺيڪيدار احسان آرائين جو گهر مان تشدد ٿيل لاش هٿ، پوليس لاش تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڏني

ھي به پڙھندا

لاڙڪاڻو: اوستا محمد واسڻ ڪارنهن الزام هيٺ گوليون هڻي زخمي