ڪنهن به اغوا ناهي ڪيو، اسلام قبول ڪري شادي ڪئي: ڦولي ميگھواڙ

0
262

ميرپورخاص(بيورو رپورٽ) ٽنڊو جان محمد واسڻ 16 ورهين جي ڦولي ميگھواڙ جو مبينا اغوا وارو ڪيس، ڦولي جي چاچي شمون جي درخواست تي عدالتي حڪم بعد پوليس ڦولي ميگھواڙ کي علي رضا جي گھران بازياب ڪرائي سيڪنڊ ايڊيشنل سيشن جج جي عدالت ۾ پيش ڪئي، جتي ڦولي چيو ته مون کي ڪنھن اغوا ناھي ڪيو، مرضي موجب اسلام قبول ڪري علي رضا سان شادي ڪئي آھي، انھي سان وڃڻ چاھيان ٿي، ناري جي بيان بعد معزز عدالت ناري کي دارالامان موڪلي ڇڏيو، ميڊيڪل ڪرائي عمر جو تعين ڪيو وڃي ۽ رپورٽ 12 جون تي پيش ڪئي وڃي جنھن بعد عدالت فيصلو ٻڌائيندي.