اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ وزيراعظم عمران خان سميت مختلف وزيرن ڏهرڪي ويجهو ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم عمران خان سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ٽرين حادثي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ 36 ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي، وزيراعظم زخمين کي فوري طور تي طبي امداد ڏيڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيراعظم ريلوي واري وزير کي حادثي جي جڳهه تي پهچڻ جون هدايتون ڏيندي حادثي جي جاچ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته صدر عارف علوي فوتين جي مغفرت ۽ گهر ڀاتين لاءِ صبر جي دعا ڪئي. وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد چيو آهي ته روهڙي ۽ گهوٽڪي، ريلوي ٽريفڪ تمام گهڻا خراب آهن ان جو حل ايم ايل ون آهي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته زخمين کي هر طبي امداد ڏني پئي وڃي.