ڏهرڪي : اکين ڏٺن شاهدن جو چوڻ آهي ته ملت ايڪسپريس ۾ شروع کان ئي خرابي هئي، ٽرين ڪراچي ڪينٽ اسٽيشن تي به خراب هئي اتي به مرمتي ڪم ڪري پوءِ ٽرين کي روانو ڪيو ويو . ڪينٽ اسٽيشن تي ريلوي عملدارن جو پاڻ ۾ بحث به ٿيندو رهيو ته ٽرين ۾ فني خرابي آھي