ڏھرڪي: امدادي ڪاروائين ۾ مردن سان گڏ ڀر پاسي ۽ ڏھرڪي جي عورتن جي به وڏي انگ حصو ورتو. سياسي پارٽي جي ليڊيز ونگ جون اڳواڻ ڪائنات بلوچ، هير علوي، درجين عورتون وٺي حادثي واري هنڌ پهچي زخمي ٿيل عورتن جي مدد ڪنديون رهيون. جڏهن ته حفاظتي اپائن لاءِ ايس ايس پي سڄي ضلعي جي پوليس ٿاڻن جي نفري کي گهرائي ورتو.